اتوار 4 شوال 1442ﻫ - 16 مئی 2021

ايس ايس يو S.W.A.T ٽيم پاران چائينيز قونصليٽ ۾ ريسڪيو آپريشن ۽ ايمرجنسي رسپانس جي فرضي مشقن جو مظاھرو

ايس ايس يو S.W.A.T ٽيم پاران چائينيز قونصليٽ ۾ ريسڪيو آپريشن ۽ ايمرجنسي رسپانس جي فرضي مشقن جو مظاھرو

ايس ايس يو S.W.A.T ٽيم پاران چائينيز قونصليٽ ۾ ريسڪيو آپريشن ۽ ايمرجنسي رسپانس جي فرضي مشقن جو مظاھرو

ڪراچي: ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن جناب مقصود احمد جي خاص ھدايت تي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سنڌ پوليس جي S.W.A.T ٽيم اڄ چائينيز قونصليٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ رينجرز سان گڏجي ۽ سڀني اسٽيڪ ھولڊرز جي اشتراڪ سان ريسڪيو آپريشن ۽ ايمرجنسي رسپانس جي فرضي مشقن جو مظاھرو ڪيو.

ايس پي راجہ محمد ارشد جي سربراھي ۾ ڊي ايس پي ۽ اين جي اوز تي مشتمل ٽيم دھشتگردن ۽ سماج دشمن عنصرن طرفان دھشتگردي جھڙي واقعن ۽ ناخوشگوار حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ فرضي مشقون ڪيون ويون.

ايس ايس يو جي S.W.A.T ٽيم پاڪستان جي پھرين ٽيم آھي جيڪا بھترين ڪمانڊوز ، جديد اسلحي ۽ ضروري سازوسامان سان ليس آھي جيڪا ڪنھن بہ ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ سماج دشمن عنصرن ۽ دھشتگردن جي خلاف ڪارروائين جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

قونصليٽ جي آفيشلز دھشتگردن ۽ ڪنھن بہ ھنگامي حالتن تي قابو پائن جي صلاحيت تي S.W.A.T ٽيم جي پيشي وراڻي معيار ۽ ان جي قيام کي ساراھيو. ان کان علاوہ آفيشلز پنھنجي خيالات جو اظھارڪندي چيو تہ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ثابت ڪيو آھي تہ ھو بين الاقوامي معيار جي ھڪ فورس آھي جيڪا ڪنھن بہ ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

ترجمان
اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (SSU) ، سنڌ پوليس

یہ بھی دیکھیں

وزیراعظم عمران خان کا بے گھر افراد کو چھت کی فراہمی کا وعدہ پورا ہونے لگا۔ 

وزیراعظم عمران خان کا بے گھر افراد کو چھت کی فراہمی کا وعدہ پورا ہونے …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے